اسلام آباد – 27 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته نوجوانن کي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ فني تربيت جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، هواوي جي آءِ سي ٽي تربيتي پروگرام سان نه رڳو آءِ ٽي روانگي واپار ۾ اضافو ٿيندو پر نوجوانن کي روزگار جا موقعا حاصل ڪرڻ ۾ پڻ مدد ملندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم هواوي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ايٿن سن جي قيادت ۾ 5 رڪني وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارر، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جو چيئرمين ڊاڪٽر مختار احمد ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر موجود هئا. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني نوجوانن کي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ فني تربيت جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، هواوي سان ٺوس ۽ ڊگهي مدي واري حصيداري چاهيون ٿا. هن چيو ته هواوي جي آءِ سي ٽي تربيتي پروگرام سان نه رڳو آءِ ٽي روانگي واپار ۾ اضافو ٿيندو پر نوجوانن کي روزگار جا موقعا حاصل ڪرڻ ۾ پڻ مدد ملندي. ان موقعي تي وزيراعظم کي هواوي جي اهتمام هيٺ 3 لک پاڪستاني نوجوانن کي آءِ ٽي جي شعبي ۾ تربيت جي فراهمي جي حوالي سان اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي، کيس ٻڌايو ويو ته ٽي لک نوجوانن مان 2 لک 40 هزار نوجوانن کي بنيادي نوعيت جڏهن ته 60 هزار نوجوانن کي هاءِ ٽيڪ تربيت ڏني ويندي. هن سال جي پڄاڻي تائين سمورن 3 لک نوجوانن جي تربيت مڪمل ٿيندي، تربيتي پروگرامز جي ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن ڪرائي ويندي. هواوي، هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي حصيداري سان 15 پاڪستاني يونيورسٽين ۾ مصنوعي ذهانت، ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ، بگ ڊيٽا ۽ سائبر سيڪيورٽي جا ڪورسز متعارف ڪرايا ويا آهن.