اسلام آباد – 27 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪلمت ۾ مسافرن تي فائرنگ جي واقعي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته شرپسند عنصر بلوچستان جي امن ۽ ترقي جا دشمن آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم واقعي ۾ 5 ماڻهن جي مارجڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم مارجي ويلن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي. هن واقعي ۾ زخمي ٿيندڙن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ، واقعي جي جاچ ڪري ذميوارن جو تعين ۽ سخت سزا يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته شرپسند عنصر بلوچستان جي امن ۽ ترقي جا دشمن آهن، معصوم ماڻهن جي خلاف شرپسند عنصرن جون بزدلاڻيون ڪارروايون انهن جي حيوانيت جي واضح عڪاسي ڪن ٿيون. سندس چوڻ هو ته شرپسند عنصرن جي ملڪ دشمن ارادن کي ڪڏهن ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين.