اسلام آباد – 27 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪوئيٽا ۾ ڊبل روڊ تي پوليس موبائيل ويجهو ڌماڪي جي مذمت ڪندي قيمتي جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري ڪوئيٽا ۾ ڊبل روڊ تي پوليس موبائيل ويجهو ڌماڪي جي مذمت ڪئي. صدر رمضان المبارڪ ۾ اهڙيون ڪڌيون ڪارروايون دهشتگردن جي مڪروهه مقصدن جي عڪاسي ڪن ٿيون. صدر مارجي ويلن جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي. صدر ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.