اسلام آباد- 26 مارچ (اي پي پي) پارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته پاڪستان ترڪيه جي ٻن طرفن ناتن خاص طور تي تعليمي ميدان ۾ سهڪار کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. پاڪستان ترڪيه سان هر شعبي ۾ امڪاني سهڪار لاءِ تيار آهي، پاڪستان ۾ ميٽرو بس جو منصوبو به ترڪيه جي بس سروس کان متاثر ٿي شروع ڪيو ويو هو. اهڙو اظهار هن ترڪيه جي سفير ڊاڪٽر عرفان نذير اوگلو سان ملاقات ۾ ڪيو. وفاقي وزير ڊاڪٽر فضل چوڌري ترڪيه جي سفير جو استقبال ڪيو. ان موقعي سفير، وفاقي وزير کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪون ڏنيون. ملاقات ۾ ٻه طرفن ناتن کي بهتر بنائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وفاقي وزير چيو ته ترڪيه هميشه پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، ترڪيه پاڪستان جو ڀائراڻو ملڪ آهي ۽ ساڻس روحاني ناتو آهي. هن چيو ته پاڪستان ترڪيه جي ٻن طرفن ناتن خاص طور تي تعليمي ميدان ۾ تعاون کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. پاڪستان ترڪيه سان هر شعبي ۾ سهڪار لاءِ تيار آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ ميٽرو بس جو منصوبو به ترڪيه جي بس سروس کان متاثر ٿي ڪيو ويو هو. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه واحد مسلمان ملڪ آهن جن جي فوج مضبوط آهي. ترڪيه جي سفير چيو ته ترڪيه ۽ پاڪستان اسلامي ڀائر ملڪ آهن، پاڪستان ۽ ترڪيه گڏجي هڪ مضبوط ۽ ترقي يافته ملڪ طور اڀري سگهن ٿا. هن چيو ته ترڪيه دهشتگردي جي جنگ ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل آهي، پاڪستان ۽ ترڪيه گڏجي دهشتگردي جو مقابلو ڪري سگهن ٿا. هن تعليمي ميدان ۽ ووڪيشنل ٽريننگ پروگرامز ۾ پاڪستان سان سهڪار وڌائڻ تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي. سفير چيو ته ترڪيه ۾ هن وقت 4 هزار جي لڳ ڀڳ پاڪستاني شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، ان انگ کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه ۾ واپار جي موقعن کي وڌائڻو پوندو.