اسلام آباد – 26 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو سان تاريخ ۾ جيڪا زيادتي ٿي ان جو ازالو نٿو ڪري سگهجي پر ان جي خدمتن جي اعتراف سان ان جي روح کي سڪون پهچندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف صدر آصف علي زرداري پاران ذوالفقار علي ڀٽو شهيد کي شاندار خدمتن تي نشان پاڪستان عطا ڪرڻ کي ساراهيندي چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو سان تاريخ ۾ جيڪا زيادتي ٿي ان جو ازالو ته نه ٿو ڪري سگهجي پر ان جي خدمتن جي اعتراف سان ان جي روح کي سڪون پهچندو.