رياض _ 26 مارچ (اي پي پي ) اي ايف سي ايشين ڪپ 2027ع ( ڪواليفائيرفائنل رائونڊ ) ۾ شام جي ٽيم پاڪستان جي ٽيم کي 2-0 تان شڪست ڏئي ڇڏي . فاتح ٽيم طرفان احمد فاقا ۽ عمر السومه هڪ هڪ گول ڪيو. پي ايف ايف مطابق سعودي عرب جي فٽ بال اسٽيڊيم ۾ کيڏيل گروپ اي جي پهرين ميچ ۾ پاڪستان کي تجربه ڪار شام جي ٽيم هٿان 2-0 تان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو. شام جي ٽيم طرفان پهريون گول 23 هين منٽ ۾ احمد فاقا جڏهن ته ٻيو گول 56 هين منٽ ۾ عمر السومه ڪيو. انهي ڏينهن کيڏيل گروپ اي جي ٻين ميچ ۾ ميانمار افغانستان خلاف هڪ جي مقابلي ۾ 2 گول تان ڪاميابي حال ڪئي. واضع رهي ته ايشين زون جون مجموعي طورتي 24 ٽيمون اي ايف سي ايشين ڪپ 2027ع ڪواليفائيرز ۾ جڳهه ٺاهڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيون آهن.