اسلام آباد – 26 مارچ (اي پي پي) پاڪستان بلائنڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل (پي بي سي سي) جي انتظام ھيٺ آسٽريليا خلاف ٽي-20 ميچن جي سيريز جي تياري لاءِ قومي بلائنڊ وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرياڻين جي تربيتي ڪيمپ عيدالفطر کانپوءِ لڳائي ويندي. پاڪستان بلائنڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل جي چيئرمين ۽ ورلڊ بلائنڊ ڪرڪيٽ لميٽيڊ جي صدر سلطان شاھه ٻڌايو ته سيريز جي تياري لاءِ قومي وومين بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي تربيتي ڪيمپ 6 کان 15 اپريل تائين لاھور ۾ لڳائي ويندي جنھن ۾ سيريز لاءِ چونڊيل 17 رانديگرياڻين کي دعوت ڏني وئي آھي، انھن رانديگرياڻين کي ڪوچز عبدالرزاق، بختاور اقبال ۽ ٽرينر شاھده جديد سکيا ڏيندا. ھن چيو ته تربيتي ڪيمپ ۾ جن رانديگرياڻين کي دعوت ڏني وئي آھي انھن ۾ رمشاء شبير، شمائلا ڪرن ۽ سائره سميت ٻيون رانديگرياڻيون شامل آھن. ھن چيو ته سيريز ۾ شرڪت لاءِ ٽيم17 اپريل تي اسلام آباد کان آسٽريليا لاءِ رواني ٿيندي، ٻنھي ملڪن وچ ۾ پنجن ٽي-20 ميچن جي سيريز کيڏي ويندي. پاڪستان ۽ آسٽريليا جي وومين ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پنج ٽي-20 ميچن تي ٻڌل سيريز 18 کان 26 اپريل تائين کيڏي ويندي، سموريون ميچون برسبين ڪرڪيٽ اسٽيڊيم آسٽريليا ۾ کيڏيون وينديون. ھن چيو ته انھن رانديگرياڻين جي چونڊ گذريل مھيني (19 کان 24 فيبروري تائين) اسلام آباد ۾ ٿيل چوٿين قومي وومين بلائنڊ ڪرڪيٽ چيمپئن شپ ۾ شاندار ڪارڪردگي جي بنياد تي ڪئي وئي. سيد سلطان شاھه ٻڌايو ته قومي وومين بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم جو اھو پھريون پرڏيھي دورو آھي.