گڏيل قومون- 26 مارچ (اي پي پي) پاڪستان شام جي سامونڊي علائقي ۾ تشدد جي تازي لهر تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي عبوري عملدارن تي زور ڀريو آهي ته هو عالمي قانون موجب سمورن شهرين جي حفاظت ڪن ۽ واقعن جي حقيقي جاچ ڪن. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نامزد مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي ٻڌايو ته فرقيوارڻي تڪرار انساني چئلينج کي وڌائڻ کانسواءِ پرامن سياسي منتقلي کي نقصان پهچائڻ جو خطرو آهي. پاڪستاني ايلچي شام ۾ سياسي ۽ انساني صورتحال تي ڳالهين دوران چيو ته شام جي سامونڊي علائقن ۾ پرتشدد واقعا گهري ڳڻتي جوڳا آهن. هن چيو ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته ڏوهن تي سزا کان هاڻي ڪنهن کي به ڇوٽ حاصل نه هجي. هن شام جي عبوري عملدارن طرفان هڪ آزادي ڪميٽي جي قيام جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان کي اميد آهي ته شام جي نئين قيادت هڪ جامع، مستحڪم ۽ خوشحال مستقبل لاءِ قوم جي رهنمائي ڪندي. هن وڌيڪ چيو ته هي وقت عالمي برادري لاءِ ان مقصد لاءِ ڪوششن ۾ شامل ٿيڻ ۽ مدد ڪرڻ جو آهي. پاڪستاني سفير چيو ته شام کي درپيش سياسي، اقتصادي، سيڪيورٽي ۽ انساني چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ جامع قدمن جي ضرورت آهي. هن 1974ع ۾ ٿيل معاهدي جي خلاف ورزي ڪندي شام جي سرزمين ۾ اسرائيل جي مسلسل مداخلت ۽ فضائي حملن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اسرائيل کي فوري طور تي پنهنجي مداخلت بند ڪرڻ گهرجي ۽ ان ڪائونسل کي اسرائيل کي پنهنجي ذميوارين جي پاسداري ڪرڻ تي مجبور ڪرڻ گهرجي. هن گڏيل قومن جي 1276 پابندين جي ڪميٽي۽ ان جي نگراني ڪندڙ ٽيم کان مطالبو ڪيو ته هو دهشتگردي کي ٻيهر کر کڻڻ کان روڪڻ لاءِ پاڻ چوڪس رهي. پاڪستاني سفير عالمي برادري جو ڌيان شام جي سنگين انساني بحران طرف ڇڪرايو جتي 16.5 ملين کان وڌيڪ ماڻهن کي فوري امداد جي ضرورت آهي. هن چيو ته 90 سيڪڙو کان وڌيڪ شامي غربت ۾ گذارين ٿا ۽ اڌ کان وڌيڪ آبادي خوراڪ جي عدم تحفظ جو شڪار آهي. هن چيو ته عالمي برادري کي شام جي ڊگهي مدي واري بحالي جي حمايت ڪندي ڪوششون تيز ڪرڻ گهرجن.