دبئي -26 مارچ (اي پي پي) گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد آل نهيان ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ غزه تڪرار سميت وچ اوڀر جي مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي ميڊيا موجب ان ٽيليفونڪ رابطي دوران اماراتي صدر اسرائيل – فلسطين تڪرار جي ٻه رياستي حل جي حوالي سان امارات جي عزم جو ورجاءٌ ڪيو جيڪو خطي ۾ جامع، منصفاڻو ۽ جٽادار امن جو بنياد آهي. هن غزه ۾ مستقل جنگ بندي معاهدي تي عملدرآمد ۽ علائقائي استحڪام برقرار رکڻ جي حوالي سان جاري ڪوششن تي به ڳالهيون ڪيون. فلسطيني علائقي ۾ انساني امداد جي فراهمي تي زور ڀريو . ٻنهي اڳواڻڻ امارات جي قومي سلامتي جي مشير جي آمريڪي دوري جي نتيجن جو به جائزو ورتو جنهن ۾ ڪيترائي اهم معاهدا ٿيا آهن.