اسلام آباد – 25 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاڪستاني صحافين جي اسرائيل جي دوري بابت سوالن تي چيو آهي ته پاڪستان حڪومت پاڪستاني صحافين جي اسرائيل وڃڻ جي حوالي سان رپورٽس کي نوٽ ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ان حوالي سان وضاحت ڪئي ته پاڪستاني پاسپورٽ واضح طور تي اهو ٻڌائي ٿو ته اهو ”اسرائيل جي سفر جي لاءِ ڪارآمد نه آهي“ تنهن ڪري موجوده ضابطن تحت اهڙو ڪو دورو ممڪن نه آهي. هن چيو ته اسرائيل بابت پاڪستان جو موقف بدستور برقرار آهي، پاڪستان اسرائيل کي تسليم نه ٿو ڪري ۽ ثابت قدمي سان فلسطيني عوام جي جائز حقن جي حمايت ڪري ٿو جنهن ۾ 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل هڪ آزاد ۽ خودمختيار فلسطيني رياست قائم ڪرڻ شامل آهي جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن ۽ فلسطيني عوام جي امنگن موجب فلسطين مسئلي جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي پختي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو.