اسلام آباد-25 مارچ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ۽ مملڪتي وزير طلال چوڌري، آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير سان سندس امڙ جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير مرحومه جي درجن جي بلندي ۽ ڏکويل ڪٽنب لاءِ صبر جي دُعا ڪئي. مملڪتي وزير طلال چوڌري آرمي چيف جي امڙ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ماءُ جو وڇوڙو مان محسوس ڪري چڪو آهيان، امڙ جو لاڏاڻو وڏو صدمو آهي. الله تعاليٰ جنرل عاصم منير ۽ سندس گهر وارن کي صبر عطا فرماءِ.