اسلام آباد-25 مارچ (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن هيڊ آفيس جو دؤرو ڪيو. چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سيد جرار حيدر وفاقي وزير جي آجيان ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير کي پي اين ايس سي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. وفاقي وزير پي اين ايس سي جي احاطي ۾ ٻوٽو لڳايو. وفاقي وزير پي اين ايس سي مئنجمينٽ ۾ ملاقات به ڪئي. وفاقي وزير پي اين ايس سي جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن پي اين ايس سي جي رٿائن جو جائزو ورتو. وفاقي وزير پي اين ايس سي جي جديد قدمن ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي ۽ پي اين ايس سي جي مختلف شعبن جو معائنو ڪيو. وفاقي وزير پي اين ايس سي ۾ ترقياتي رٿائن جي رفتار تيز ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.