اسلام آباد – 25 – مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اسلام آباد ۾ آذربائيجان سان سيڙپڪاري جي منصوبي جي تجويزن تي هڪ بين الوزارتي اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم قابل عمل سيڙپڪاري جي منصوبن جي ذريعي اقتصادي ترقي کي وڌائڻ جي لاءِ فيصلن تي عملدرآمد تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان آذربائيجان لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ هڪ ترجيح آهي ڇو ته ٻئي ملڪ مختلف شعبن ۾ تعاون ڪري رهيا آهن.