اسلام آباد-24 مارچ (اي پي پي) صنعتن ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر سان اينگرو ڪارپوريشن جي چيئرمين حسين دائود ملاقات ڪئي آهي. ان ملاقات ۾ ڪاروباري برادري جو اعتماد بحال ڪرڻ ۽ پاڪستان ۾ ڪاروبار کي آسان بنائڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صنعتن ۽ پيداوار واري وزارت مان جاري بيان موجب هارون اختر ان ڳالهه تي زور ڀريو ته وڏي پيماني تي صنعتي پيداوار جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ نجي شعبي سان ڀائيواري ضروري آهي. هن حڪومت طرفان سيڙپڪاريءَ کي هٿي ڏيڻ ۽ صنعتي ترقيءَ لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي مسلسل ڪوششن کي اجاگر ڪندي چيو ته حڪومت سيڙپڪاريءَ کي هٿي ڏيڻ ۽ مستحڪم اقتصادي ترقيءَ کي يقيني بنائڻ لاءِ سمورا امڪاني قدم کڻي رهي آهي. هن خاص طور تي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) ڏيهي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاريءَ کي پاڪستان ۾ آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ملاقات ۾ وڏي پيماني تي اداره جاتي، سيڙپڪاري ۽ نجي شعبي جي فعال شرڪت تي زور ڀريو ويو ته جيئن اقتصادي ترقيءَ کي تيز ڪري سگهجي. هارون اختر وڌيڪ چيو ته هڪ ونڊو سهولت مرڪز قائم ڪيو پيو وڃي، جنهن جو مقصد ڪاروباري طريقي کي آسان بنائڻ ۽ پاڪستان ۾ ڪاروبار ڪرڻ جي سهولت کي بهتر بنائڻ آهي. حسين دائود حڪومت جي ڪاروبار دوست قدمن تي اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ته انهن قدمن سان ڪاروباري ماحول ۾ بهتري ايندي. ملاقات جي پڄاڻيءَ تي هارون اختر چيو ته صنعتي ترقيءَ لاءِ عوامي ۽ نجي حصيداري وقت جي اهم ضرورت آهي.