اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي هدايت تي افغانستان جي لاءِ خصوصي نمائندي محمد صادق 21 کان 23 مارچ تائين ڪابل جو دورو ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب خصوصي نمائندي 22 مارچ تي افغانستان جي وقتي پرڏيهي وزير امير خان متقي سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ڌرين گڏيل دلچسپي جي سمورن معاملن بشمول امن ۽ سلامتي، واپاري ۽ اقتصادي تعاون کانسواءِ عوامي رابطن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. خصوصي نمائندي افغانستان سان مسلسل مصروفيتن ۽ گڏيل فائديمند لاڳاپن جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ سمورن ڳڻتي جي مسئلن خاص طور تي سيڪيورٽي کي منهن ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ڌرين ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي رابطن ۽ ڳالهه ٻولهه کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي ڌرين پائيدار علائقائي امن ۽ استحڪام حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏيل طور تي فائديمند ٻطرفي لاڳاپن جي عزم کي پڻ سگهه ڏني. بيان موجب خصوصي نمائندي افغانستان جي واپار واري وقتي وزير نورالدين عزيزي سان پڻ ملاقات ڪئي. ڌرين ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن سان گڏوگڏ لنگهه ۽ رابطن جي شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. خصوصي نمائندي محمد صادق افغانستان سان گڏيل فائديمند لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڌرين ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ علائقائي واپار ۽ رابطن جي مڪمل صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ تي اتفاق ڪيو. افغانستان کان واپسي تي خصوصي نمائندي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کي افغان قيادت سان پنهنجي ملاقاتن بابت آگاهه ڪيو. نائب وزيراعظم افغانستان ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ٻطرفي لاڳاپن بشمول اعليٰ سطح جي مصروفيتن ۽ واپار ۽ ٽرانزٽ تعاون ۾ اضافي کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.