اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي جي لاءِ زرعي شعبي جي ترقي انتهائي اهميت رکندڙ آهي، آبادگارن کي بهترين ٻج، ڀاڻ ۽ اصلي زرعي دوائون مناسب قيمت تي فراهم ڪيون وڃن ته ٻيهر زرعي انقلاب اچي سگهي ٿو، ڏکڻ ڪوريا جي تعاون سان پٽاٽي جو بهترين ٻج هاڻي پاڪستان ۾ ئي تيار ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل ايگريڪلچرل اينڊ ريسرچ سينٽر جي دوري دوران جديد ايروپانڪس طريقي سان پوکيءَ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. نيشنل ايگريڪلچرل ريسرچ سينٽر اسلام آباد ۾ سيڊ پوٽاٽو پروڊڪشن اينڊ ايروپانڪس ڪمپليڪس جو افتتاح ڪيو ويو، اهو ڪمپليڪس اعليٰ درجي جي ايروپانڪس ٽيڪنالاجي جي ذريعي پٽاٽي جي تصديق ٿيل ٻج جي پيداوار جي لاءِ ڪوريا پارٽنرشپ فار انوويشن آف ايگريڪلچر (ڪوپيا) ۽ پاڪستان ايگريڪلچرل ريسرچ ڪائونسل (پي اي آر سي) جي وچ ۾ هڪ اهم حصيداري رکندڙ منصوبو آهي. ان قدم سان پاڪستان ۾ پٽاٽي جي ٻج جي معيار ۽ دستيابي ۾ نمايان بهتري ايندي، ان جو مقصد پٽاٽي جي پيداوار جي لاڳت کي گهٽ ڪرڻ ۽ مناسب قيمت تي معياري ٻج پٽاٽي جي دستيابي کي يقيني بڻائي پيداوار ۾ بهتري آڻڻ آهي. ان موقعي تي فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين سميت وفاقي وزير، اسيمبلي ميمبر، ڏکڻ ڪوريا جو وقتي سفير، زرعي ماهر پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته کيس اهو ڄاڻي اطمينان ٿيو آهي ته پاڪستان جا زرعي سائنسدان ۽ ماهر وڏي محنت ۽ لگن سان زراعت جي ترقي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن ۽ مون کي يقين آهي ته انهن جي ڪوششن جي ڪري اسان جو زرعي شعبو ضرور ترقي ڪندو. وزيراعظم جمهوريه ڪوريا جي تعاون سان پٽاٽي جي ٻج جي تياري جي لاءِ ادارو قائم ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي ڪوريا جي حڪومت ۽ سفير جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم ڏکڻ ڪوريا جي مضبوط معيشت ۽ زراعت، اسٽيل ۽ صنعتن ۾ ان جي اقتصادي ترقي جي مهارت کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان سان ڪوريا جا مضبوط لاڳاپا آهن جن کي وڌيڪ مستحڪم بڻايو ويندو. وزيراعظم چيو ته زراعت پاڪستان جي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي، ملڪي آبادي جو 65 سيڪڙو ڳوٺاڻي زراعت سان واڳيل آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني آبادگار محنت، جفاڪش ۽ قابل آهن، انهن کي بهترين ٻج، ڀاڻ ۽ اصلي زرعي دوائون مناسب قيمت تي فراهم ڪيون وڃن ته پاڪستان ۾ ٻيهر زرعي انقلاب اچي سگهي ٿو، ان جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، آبادگارن کي جعلي دوائن کان بچائڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان کي زرخيز زمين ۽ درياءَ ڏنا آهن، اسان جا سائنسدان ۽ زرعي ماهر انتهائي قابل آهن، لکين ٻار ۽ ٻارڙيون زرعي شعبي ۾ گريجوئيٽس آهن، جيڪڏهن انهن کي مناسب ماحول مهيا ڪيو وڃي ته ڪجهه سالن جي اندر زراعت ايتري مضبوط ٿي ويندي جو ملڪي ضرورتون به پوريون ٿينديون ۽ اضافي ٻج ۽ اناج برآمد پڻ ڪري سگهبو پر اهو ڪم تقريرن ۽ شعرن سان نه ڏينهن رات محنت سان ٿيندو. وزيراعظم چيو ته هڪ وقت ۾ پاڪستان جي زرعي شعبي ۾ ترقي شاندار هئي پر اڄ ڪپهه جي درآمد تي اربين ڊالر خرچ ڪرڻا پئجي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته هن جديد سينٽر جي قائم ٿيڻ سان پٽاٽي جو بهترين ٻج آبادگارن کي مهيا ڪيو ويندو ۽ ٻاهران نه گهرائڻو پوندو. اميد ڪئي پئي وڃي ته اهو ٻج انتهائي بهترين هوندو ۽ ان سان پٽاٽي جي پيداوار کي ترقي ملندي ۽ پاڪستان پٽاٽو برآمد ڪرڻ جي قابل به ٿي ويندو. وزيراعظم چيو ته پاڙيسري ملڪ زرعي شعبي ۾ اسان کان اڳتي نڪري ويا، اسان وقت سر قدم نه کڻي سگهياسين، جيڪڏهن وقت تي فيصلا ڪريون ها ته ڪپهه ۾ اڄ پاڻ ڀرا هجون ها، ڪمند جي فصل ۾ اسان جي في ايڪڙ پيداوار ٻين ملڪن کان گهٽ آهي، اسان کي پنهنجي آبادگارن جا ٿورا ادا ڪرڻ گهرجن جن جي محنت جي ڪري زرعي شعبو هلي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي ترقي جي لاءِ زرعي شعبي جي ترقي انتهائي اهميت رکندڙ آهي، زراعت جي ترقي سان ئي معيشت ترقي ڪندي. وزيراعظم ايس ايم ايز تي زور ڏنو ته اهي ڳوٺن ۾ نوجوانن ۾ سيڙپڪاري ڪن، ڀاڄين ۽ ميون جي پيداوار وڌائي وڃي، ڪولڊ اسٽوريج ۽ ٽرانسپورٽيشن جي شعبي ۾ بهتري آڻڻي پوندي. وزيراعظم چيو ته ماضي ۾ جيڪڏهن ضروري قدم کنيا وڃن ها ته اڄ صورتحال تمام بهتر هجي ها، هاڻي روڄ راڙي جو ڪو فائدو نه آهي، محنت ۽ لگن سان زرعي شعبي ۾ انقلاب آڻي سگهجي ٿو، هڪ هزار فريش گريجوئيٽس کي تربيت جي لاءِ چين موڪليو پيو وڃي ته جيئن اهي اتان تربيت وٺي اچن ۽ واپس اچي پيداوار وڌائڻ ۾ آبادگارن جي مدد ڪن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان زرعي ملڪ هجڻ جي باوجود قيمتي پرڏيهي ناڻو کاڄرو تيل جي درآمد تي خرچ ڪري رهيو آهي، ان جي روڪٿام جي لاءِ قدم کڻڻا پوندا، لائيو اسٽاڪ جي شعبي ۾ پڻ تمام گهڻي بهتري آڻي سگهجي ٿي، ملڪي معيشت ۾ زراعت جو حصو وڌائڻ جا موقعا موجود آهن جن مان فائدو کنيو وڃي ته خطي جي ملڪن کي اسان پٺتي ڇڏي سگهون ٿا. وزيراعظم نجي شعبي جي حصيداري سان زرعي مشينري مقامي طور تي تيار ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته جلد زرعي شعبي جي ڊگري هولڊرز ۽ ماهرن سان گڏجي ويهنداسين ۽ اڳتي وڌڻ جو رستو ڳوليو ويندو. ان موقعي تي خطاب ڪندي غذائي تحفظ واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو ته زراعت معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي، وزيراعظم جي قيادت ۾ حڪومت سبز انقلاب طرف گامزن آهي. هن چيو ته حڪومت زرعي شعبي کي اولين ترجيح ڏيندي ان جي ترقي جي لاءِ ڪيترائي قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته پٽاٽي جي ٻج جو منصوبو منفرد نوعيت جو آهي جنهن سان پاڪستان اعليٰ معيار جي پٽاٽي جي ٻج جي پيداوار ۾ پاڻڀرو ٿيڻ جي راهه تي گامزن ٿي ويو آهي. هن چيو ته حصيدارن جي تعاون سان زرعي شعبي جي ترقي جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، جديد سهولتن سان ليس مرڪز پيداوار ۾ اضافي جو سبب بڻجندو. آر ڊي اي ڪوريا جي ايڊمنسٽريٽر ڪوان جي هان تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اسان جو مقصد زرعي شعبي جي پيداواري صلاحيت اضافو ڪرڻ آهي. هن چيو ته اين اي آر سي سان پٽاٽي جي ٻج ۾ حصيداري اهم سنگ ميل آهي، ان منصوبي جي ذريعي پٽاٽي جي ٻج جي يپداواري صلاحيت وڌندي. ان کان اڳ وزيراعظم نيشنل انسٽيٽيوٽ فار جينومڪس اينڊ ايڊوانسڊ بائيو ٽيڪنالاجي جو پڻ افتتاح ڪيو. اهو هڪ خصوصي قومي ادارو آهي جيڪو ٻوٽن، جانورن ۽ جرثومون جي ٽنهي ڊومينز ۾ زرعي تحقيق جي لاءِ وقف آهي، اهو بائيو ٽيڪنالاجي جو هڪ ڪمپليڪس آهي جنهن ۾ 28 جديد ترين ليبز آهن. پي اي آر سي جي چيئرمين ڊاڪٽر غلام محمد علي موجب پٽاٽي جي روايتي پوکيءَ سان في ٻوٽو رڳو پنج ٽيوبر پيدا ٿين ٿا جڏهن ته ايروپونڪ سسٽم في ٻوٽو 50 کان 60 جي وچ ۾ ٽيوبو پيدا ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته اهي جديد ٽيڪنالاجيز نه رڳو ٻج پٽاٽي جي مقامي کپت کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ڪنديون پر ان سان وڏي درآمدي بل کي پڻ گهٽ ڪيو ويندو. اٽڪل 850000 ايڪڙ زمين تي پٽاٽو پوکيءَ ڪرڻ جي باوجود پاڪستان مقامي طور تي تيار ڪئي ويندڙ ٻجن جي ڪوالٽي خراب هجڻ جي ڪري ساليانو 6000 کان 12000 ٽن پٽاٽي جي ٻج جي درآمد تي دارومدار ڪري ٿو. پروجيڪٽ جي بنيادي ڍانچي ۾ چار ايروپونڪ گرين هائوسز ۽ 35 اسڪرين هائوسز جي تعمير سان گڏوگڏ ڪولڊ اسٽوريج جي سهولت ۽ 100 ڪلو واٽ شمسي توانائي جي نظام جو قيام شامل آهي. وزيراعظم اين اي آر سي ۾ ليبارٽريز ۽ پوٽاٽو فارمز جي اداري جو دورو پڻ ڪيو. هو اين اي آر سي جي ڊسپلي اسٽالز تي پڻ ويو جتي زرعي مصنوعات ۽ جديد زرعي اوزار رکيا ويا هئا. ان موقعي تي وزيراعظم کي زرعي محققين پاران بريفنگ پڻ ڏني وئي.