اسلام آباد-22 مارچ (اي پي پي)نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار جي هدايت تي افغانستان لاءِ خصوصي نمائندو ايمبيسيڊر محمد صادق خان ٻطرفن لاڳاپن بابت خيالن جي ڏي وٺ لاءِ افغانستان جي سرڪاري دوري تي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جي جاري بيان موجب افغانستان لاءِ خاص نمائندو محمد صادق خان 21 کان 23 مارچ لاءِ افغانستان جي دوري تي آهي. جتي پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ ٻطرفن ناتن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.