مائونٽ مونگانوئي-22 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ چوٿون ٽي 20 ميچ آچر 23 مارچ تي مائونٽ مونگانوئي ۾ کيڏيو ويندو. نيوزيلينڊ کي پنج ميچن جي سيريز ۾ 2-1 جي سرسي حاصل آهي. شروعاتي ٻن ميچن ۾ ميزبان ٽيم ترتيبوار 9 ۽ 5 وڪيٽن تان ڪاميابي حاصل ڪري سرسي حاصل ڪئي پر ٽئين ميچ ۾ پاڪستان شاندار ڪم بيڪ ڪيو ۽ 9 وڪيٽن تان ڪاميابي حاصل ڪري سرسي کي گهٽائي ڇڏيو. پاڪستان کي سلمان آغا ليڊ ڪري رهيو آهي جڏهن ته نيوزيلينڊ جي ٽيم مائيڪل بريسويل جي قيادت هيٺ ميدان ۾ لهندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي پنجون ۽ آخري ميچ 26 مارچ تي ويلنگٽن ۾ کيڏيو ويندو.