ڪراچي-22 مارچ(اي پي پي)سنڌ حڪومت عيدالفطر جي موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو. چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاه طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب عيدالفطر جي موقعي تي 3 ڏينهن موڪلن جو اعلان ڪيو ويو آهي. 31 مارچ کان 2 اپريل تائين موڪلون رهنديون، ان دوران سمورا سرڪاري ۽ نيم سرڪاري ادارا بند رهندا. واضح رهي ته وفاقي حڪومت پڻ عيدالفطر جي موقعي تي 3 ڏينهن موڪلن جو اعلان ڪري چڪي آهي. ٻئي پاسي عيدالفطر جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس 30 مارچ تي اسلام آباد ۾ طلب ڪيو ويو آهي جڏهن ته موسميات کاتي 30 مارچ تي چنڊ نظر نه اچڻ جو واضح امڪان ظاهر ڪيو آهي.