اسلام آباد-21 مارچ (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جو اجلاس ڪالهه ٿيو. اجلاس ۾ پاور ڊويزن واري وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري، پيٽروليم واري وزير علي پرويز ملڪ، بورڊ آف انويسٽمينٽ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ سان گڏوگڏ ايس اي سي پي جي چيئرمين، وفاقي سيڪريٽرين ۽ لاڳاپيل وزارتن ۽ ڊويزنن جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. ناڻي واري وزارت طرفان ڪالهه جاري ڪيل بيان موجب اجلاس دوران اي سي سي سڌ سماءَ واري وزارت جي سمريءَ جو جائزو ورتو ۽ ان جي منظوري ڏني. اي سي سي سڌ سماءَ واري وزارت لاءِ رکيل 5.6 ارب رپين جي بيجٽ مان 2 ارب رپين جي استعمال جي ٽيڪنيڪل سپليمينٽري گرانٽ (ٽي ايس جي) جي استعمال جي منظوري ڏني. اها رقم ميڊيا هائوسز کي اشتهارن جي بقايائن جي ادائگين جي ذميدارين کي پورو ڪرڻ لاءِ استعمال ڪئي ويندي. ڪميٽي بچاءَ واري وزارت طرفان موڪليل ٽي ايس جي لاءِ هڪ تجويز جي به منظوري ڏني جنهن تحت 430 ملين رپيا موجوده مالي سال دوران پنجاب صوبي ۾ ايس اي پي اسڪيمن تي عملدرآمد لاءِ استعمال ڪيا ويندا. ڪميٽي جناح ميڊيڪل ڪامپليڪس اينڊ ريسرچ سينٽر (جي ايم سي اينڊ آر سي) ڪمپني جي انور لاءِ حڪومت جي پيڊ اپ ڪيپيٽل جي حيثيت سان 250 ملين رپين جي ادائگي جي به منظوري ڏني. ان سان اسلام آباد ۾ جديد ترين جي معيار وارو هڪ هزار بسترن تي ٻَڌل تعليمي ميڊيڪل سينٽر جي قيام ۾ مدد ملندي، جڏهن ته اي سي سي جي ايم سي اينڊ آر سي ڪمپنيءَ کي هدايت ڪئي ته نئين گرانٽ کان اڳ هو منظور ٿيل رقم 250 ملين رپين تحت ايندڙ خرچن جي مڪمل تفصيل به فراهم ڪري. اي سي سي اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي ايگزم بئنڪ جي ڊگهي مُدي واري فنانسنگ سهولت (ايل ٽي ايف ايف) لاءِ فنانس ڊويزن جي سمري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اي سي سي فيصلو ڪيو آهي ته 330 ارب رپين جي ايس بي پي، جي ايل ٽي ايف ايف پورٽ فوليو جي ايگزم بئنڪ ۾ مرحليوار شامل ڪيو ويندو. مالي سال 25ع لاءِ نئين پورٽ فوليو لاءِ ايل ٽي ايف ايف جي سبسڊي جي ضرورت کي پورو ڪرڻ لاءِ فني ضمني گرانٽ ذريعي 1.001 ارب رپيا رکيا ويندا. اجلاس جي آخر ۾ اي سي سي فنانس ڊويزن طرفان پيش ڪيل فني اضافي گرانٽ 24.556 ملين رپين جي سمري جي به منظوري ڏني آهي. سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي 19 مارچ 25ع جي هدايتن تحت 280.1 رپيا في ڊالر جي شرح سان مٽاسٽا جي حساب سان 87 هزار (671.21 ڊالر) جي برابر آهي، جيڪا جي اي سي ڊي ٽيڪسٽائل پرائيويٽ لميٽيڊ، سڊني آسٽريليا جي مسز ليا بمبا کي ادا ڪئي ويندي.