ماسڪو – 21 مارچ (اي پي پي) روس جي صدر ولاديمير پيوٽن شام جي نئين سربراهه احمد الشراع کي روس جي سهڪار ۽ حمايت جي آڇ ڪئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق روسي صدر گذريل ڏينهن شام جي عارضي صدر احمد الشراع کي موڪليل پيغام ۾ چيو آهي ته روس شام جي علائقائي سالميت ۽ استحڪام لاءِ عملي سهڪار ڪرڻ جي آڇ ڪري ٿو. ڪريملن جي ترجمان دمتري پيسڪوف چيو آهي ته شام جي سهڪار جي نوعيت جامع ۽ مجموعي نوعيت جي هوندي. هن چيو ته روسي صدر احمد الشراع کي چيو ته هن انهن ڪوششن جي حمايت ڪئي آهي جيڪي شام ۾ صورتحال کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ ڪيون پيون وڃن ۽ ملڪي مفاد ۾ آهن ۽ شام جي خودمختياري ۽ اتحاد کان علاوه علائقائي يڪجهتي لاءِ اهم آهن. ان موقعي تي روسي صدر ان ڳالهه جي به تصديق ڪئي آهي ته ان جو ملڪ شام سان لاڳاپن ۾ اضافي ۽ عملي سهڪار لاءِ تيار آهي ۽ اهو سهڪار سمورن معاملن تي ڦهليل هوندو ته جيئن ٻنهي ملڪن وچ ۾ دوستاڻن لاڳاپن کي هٿي ملي سگهي.