واشنگٽن_ 21 مارچ (اي پي پي ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته کيس يقين آهي ته يوڪرين جو تڪرار جلد حل ٿي ويندو. پرڏيهي ميڊيا وائيٽ هائوس ۾ خطاب ڪندي چيو ته اسان روس -يوڪرين تڪرار ختم ڪرائي وٺنداسين ۽ مون کي لڳي ٿو ته اسان ان سلسلي ۾ گهڻو ڪم ڪري رهيا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته مون کي يقين آهي ته اسان مڪمل ڪري وٺنداسين.