ابو ظھبي – 21 مارچ (اي پي پي) گڏيل عرب امارتن ۾ قائم عالمي فلڪياتي مرڪز چيو آھي ته 29 مارچ تي عيدالفطر جو چنڊ نظر اچڻ ممڪن ناھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق مرڪز طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آھي ته اڪثر ملڪن ۾ شوال جو چنڊ (عيد الفطر 1446 ھجري) ڇنڇر ڏينھن 29 مارچ 2025ع تي ڏٺو ويندو. بيان ۾ چيو ويو آھي ته تمام عالمي معيار مطابق ان ڏينھن دنيا جي اوڀر طرف چنڊ ڏسڻ ممڪن نه ھوندو ۽ اھو عرب ۽ اسلامي دنيا جي باقي علائقن ۾ به سمورن وسيلن جي استعمال باوجود نه ڏسي سگھبو. مرڪز وڌيڪ ٻڌايو آھي ته رڳو ٽيلي اسڪوپ جي استعمال جي صورت ۾ چنڊ نظر اچڻ وڏي کنڊ آمريڪا جي مرڪزي ۽ اتر وارن حصن ۾ چنڊ ڏسڻ ممڪن آهي. ان وڏي کنڊ جي اوڀر طرف ٽيلي اسڪوپ سان به چنڊ نظر اچڻ ڏکيو آھي. انساني اک سان چنڊ ڏسڻ رڳو آمريڪا جي اولھه ۾ ماٺي سمنڊ جي علائقن ۾ ممڪن ھوندو. عالمي فلڪياتي مرڪز کان علاوه سمورن عالمي معيارن مطابق 29 مارچ تي چنڊ نظر اچڻ ممڪن ناھي. عالمي فلڪياتي مرڪز جي بيان مطابق چنڊ جي صحيع نظر اچڻ جي شرط جي قائل ملڪن ۾ اميد آھي ته رمضان جا 30 روزه پورا ٿيندا ۽ عيدالفطر 31 مارچ تي ٿيندي. جڏھن ته ڪجھه ملڪن طرفان 30 مارچ آچر ڏينھن عيدالفطر جي اعلان جو امڪان آھي. فلڪياتي مرڪز مطابق 29 مارچ تي جديد ترين ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪري به چنڊ نظر اچڻ ممڪن نه آھي. اھا جديد ترين ٽيڪنالاجي سي سي ڊي ڪيمرا جو استعمال ڪندي فلڪياتي تصوير ڪڍي ٿي.