ڪولڪته-21 مارچ (اي پي پي) ڪرڪيٽ ان انڊيا بورڊ آف ڪنٽرول (بي سي سي آءِ) جي انتظام هيٺ انڊين پريمئير ليگ (آءِ پي ايل) جو 18 هون ايڊيشن 22 مارچ 2025ع کان ڀارت ۾ شروع ٿيندو جنهن لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. آءِ پي ايل جي شروعاتي ميچ دفاعي چيمپئين ڪولڪته نائيٽ رائيڊرز ۽ رائل چئلينجرز بينگلور جي ٽيمن وچ ۾ ڪولڪته ۾ کيڏي ويندي. ٽورنامينٽ جي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلن ۾ ملڪي ۽ پرڏيهي رانديگر ايڪشن ۾ هوندا. ليگ جي 18 هين ايڊيشن ۾ شامل 10 ٽيمن وچ ۾ فائنل سميت مجموعي طور تي 74 ميچون کيڏيون وينديون جيڪي ڀارت جي مختلف هنڌن تي کيڏيون وينديون. آءِ پي ايل جي 16 هين ايڊيشن ۾ گوهاٽي اسٽيڊيم پنهنجو آءِ پي ايل ڊيبيو ڪيو هو. ليگ ۾ ڪولڪته نائيٽ رائيڊرز جي ٽيم ٽائيٽل جي دفاع لاءِ ايڪشن ۾ هوندي، ليگ ۾ شامل 10 ٽيمن ۾ دفاعي چيمپئين ڪولڪته نائيٽ رائيڊرز کانسواءِ ٻين ٽيمن ۾ چنائي سپر ڪنگز، گجرات ٽائيٽنز، ممبئي انڊينز، دهلي ڪيپيٽلز، پنجاب ڪنگز، راجسٿان رائلز، رائل چئلينجرز بينگلور، سن رائزرز حيدرآباد شامل آهن. آءِ پي ايل جي فائنل ميچ ڪولڪته ۾ 25 مئي تي شيڊول آهي.