لنڊن –21 مارچ (اي پي پي) انگلش پريمئير فٽ بال ليگ ۾ 2 اپريل تي وڌيڪ 6 ميچن جو فيصلو ٿيندو. اي پي ايل ۾ فٽ بال جي مداحن کي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. پهرين ميچ ناٽنگهم فاريسٽ ۽ مانچسٽر يونائيٽيڊ جي ٽيمن وچ ۾ سٽي گرائونڊ ناٽنگهم ۾ کيڏي ويندي، ٻي ميچ بورن مائوٿ ۽ ايپسوچ ٽائون جي ٽيمن وچ ۾ وائٽلٽي اسٽيڊيم، بورن مائوٿ ۾ کيڏي ويندي، ٽين ميچ ۾ برائٽن اينڊ هووالبيون ۽ آسٽن ولا جون ٽيمن آمهون سامهون ٿينديون. چوٿين ميچ دفاعي چيمپئين مانچسٽر سٽي ۽ ليسٽر سٽي جي ٽيمن وچ ۾ اتحاد اسٽيڊيم ، مانچسٽر ۽ ليسٽرسٽي جي ٽيمن وچ ۾ مانچسٽر ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته 2 اپريل تي ڇهين ۽ آخري ميچ ۾ سائوٿمپٽن ۽ ڪرسٽل پيليس جون ٽيمون سينٽ ميري اسٽيڊيم ، سائوٿمپٽن ۾ آمهون سامهون ٿينديون . انگلش پريمئير فٽ بال ليگ جي 33 هين سيزن جي شروعات ٿي چڪي آهي . جيڪو مجموعي طور تي ٽاپ فلائيٽ انگلش فٽ بال جو 126 هون ايڊيشن آهي.