واشنگٽن-20 مارچ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي 2016ع ۾ چونڊ مهم جي قيادت ڪندڙ سندس ويجهي ساٿي اسٽيوبينن ان ڳالهه جو اشارو ڏنو آهي ته صدر ٽرمپ 2028ع جي صدارتي چونڊن ۾ به اميدوار طور حصو وٺندو. اسٽيوبينن جيڪو وائيٽ هائوس جو اسٽريٽجسٽ به رهي چڪو آهي، چيو ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيون ڀيرو صدارتي چونڊن ۾ حصو وٺڻ کي ممڪن بڻائڻ لاءِ آمريڪي آئين ۾ صدارت جي وڌ کان وڌ ٻن مدن جي حد کي نظرانداز ڪرڻ ۽ 2028ع ۾ ٻيهر چونڊ وڙهڻ جو رستو ڳوليو ويندو. آمريڪي آئين ۾ 22 هين ترميم ۾ چيو ويو آهي ته ڪو به شخص ٻه ڀيرا کان وڌيڪ صدر جي عهدي لاءِ چونڊجي نٿو سگهجي.