واشنگٽن-20 مارچ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران کي نئين ايٽمي معاهدي تائين پهچڻ لاءِ ٻن مهينن جو وقت ڏنو آهي. پرڏيهي خابرو اداري آمريڪي صدر طرفان ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي کي لکيل خط جي موaد سان واقف ذريعن جي حوالي سان پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران کي نئين ايٽمي معاهدي تائين پهچڻ لاءِ ٻن مهينن جو وقت ڏيندي نئين ايٽمي معاهدي لاءِ ڳالهين جي تجويز پيش ڪئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪي صدر وائيٽ هائوس ۾ صحافين کي ٻڌايو ته آمريڪا ايران سان آخري فائنل رائونڊ لاءِ تيار آهي ۽ هو ان کي ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ جي اجازت نٿو ڏئي سگهي. هن چيو ته اسان جي ايران سان اهڙي صورتحال آهي ته جلد ئي ڪجهه ٿيڻ وارو آهي، اميد آهي ته اسان هڪ امن معاهدو ڪري سگهون ٿا.