غزه -18 مارچ (اي پي پي) اسرائيل جنگ بندي ڳالهين جي ناڪام ٿيڻ کان پوءِ غزه تي هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي پئماني تي هوائي حملا شروع ڪري ڇڏيا آهن جنهن جي نتيجي ۾ 326 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ۽ ڪيترائي ملبي هيٺان دٻجي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيلي جنگي جهازن اڱاري تي صبح جو غزه پٽي جي ڪيترن ئي شهرن تي هوائي حملا ڪيا. انهن علائقن ۾ اتر غزه پٽي، غزه سٽي، دير البلاح، خان يونس ۽ وچ ۽ ڏکڻ غزه پٽي وارا رفح جا علائقا شامل آهن. غزه ۾ صحت واري وزارت جي اختيارين موجب 18 مارچ جي صبح جو ٿيل هوائي حملن ۾ 326 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن. اسرائيلي فوج تصديق ڪئي آهي ته هنن غزه ۾ وڏي پئماني تي هوائي حملا ڪيا آهن. اکين ڏٺن شاهدن موجب اسرائيلي هوائي حملا اڱاري ڏينهن صبح جو سوير شروع ٿيا جڏهن ماڻهو رمضان جو روزو رکڻ لاءِ سحري ڪري رهيا هئا. 20 کان وڌيڪ جنگي جهازن رفح، خان يونس ۽ غزه شهر کي نشانو بڻايو. غزه پٽي ۾ ڪيترن ئي اسرائيلي جنگي جهازن هدفن کي نشانو بڻايو ۽ هر طرف ڌماڪن جا آواز شروع ٿي ويا. انهن حملن کان پوءِ سامهون آيل ويڊيوز ۾ نشانو بڻايل علائقن مان دونهين جا بادل اٿندي نظر اچي رهيا هئا جڏهن ته ايمبولينسن ذريعي زخمين کي ٻاهر ڪڍندي ڏيکاريو ويو آهي. اسرائيلي فوج اعلان ڪيو آهي ته هن غزه ۾ هدف تي تمام گهڻا حملا ڪيا آهن. اسرائيلي هٿياربند فوج چيو آهي، ته هو غزه ۾ دهشتگردن جي هدفن کي نشانو بڻائي رهيا آهن. اسرائيلي هوائي حملن ۾ علائقي ۾ فلسطيني عسڪريت پسند اڳواڻن جي مارجڻ جا به اطلاع مليا آهن. 19 جنوري تي ٿيل جنگبندي کان پوءِ اسرائيل طرفان هوائي حملن جي اها سڀ کان وڏي ڪارروائي آهي. غزه ۾ جنگ بندي ۾ واڌ لاءِ ڌرين وچ ۾ ڳالهيون ڪنهن به معاهدي تي نه پهچڻ ۾ ناڪام ٿيون هيون. اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته جيستائين ضروري ٿيو ٿه هو غزه ۾ فلسطيني عسڪريت پسند اڳواڻن ۽ انفراسٽرڪچر تي حملا جاري رکندا. ٻئي پاسي اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو چيو آهي ته هن اسرائيلي فوج کي يرغمالين جي آزادي کان انڪار ۽ جنگ بندي جي سمورين تجويزن کي رد ڪرڻ جي جواب ۾ فلسطيني عسڪريت پسند اڳواڻن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اسرائيلي وزيراعظم آفيس طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيل هاڻي کان فلسطيني عسڪريت پسند اڳواڻن خلاف فوجي طاقت ۾ اضافو ڪندو. وائيٽ هائوس جي ترجمان ٻڌايو آهي ته اسرائيل انهن حملن کان اڳ آمريڪي انتظاميه سان رابطو ڪيو هو. پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيلي هوائي حملن ۾ غزه پٽي جي ڏکڻ، اتر ۽ مرڪز ۾ ڳتيل آبادي وارن علائقن سان گڏوگڏ بي گهر ماڻهن جي ڪيمپن کي به نشانو بڻايو ويو. حملن سبب ڪافي نقصان ٿيو ۽ ڪيترائي ماڻهو ملبي هيٺ دٻجي ويا آهن جڏهن ته امدادي ٽيمن کي جاري بمباري سبب متاثرن تائين پهچڻ ۾ سخت مشڪلاتون درپيش آهن. غزه ۾ طبي سهولتن جي شديد کوٽ سبب زخمين کي طبي امداد جي فراهمي ۾ تمام ڏکيائيون درپيش آهن. هوائي حملن سبب روڊ ۽ انفراسٽرڪچر تباهه ٿيڻ سبب ايمبولينسن جي چرپر ۾ به شديد رڪاوٽون اچي رهيون آهن.