اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف غيرمعياري زرعي ٻج جو ڪاروبار ڪندڙ ڪمپنين جي خلاف جلد کان جلد سخت ڪارروائي يقيني بڻائڻ، پاڪستان ۾ کاڄرو تيل جي پيداوار جي حوالي سان قدم تيز ڪرڻ ۽ صوبائي حڪومتن، نجي شعبي ۽ ٻين ڌرين سان گڏجي پوري ملڪ ۾ فارم ميڪانائزيشن کي فروغ ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت جي معاملن تي جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعطم چيو ته زراعت ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي، حڪومت ملڪ ۾ زرعي شعبي جي ترقي ۽ زرعي پيداوار وڌائڻ جي حوالي سان سموريون سهولتون مهيا ڪندي، زرعي شعبي جي ترقي جي لاءِ سڄي ملڪ مان نوجوان زرعي ماهرن جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته غيرمعياري زرعي ٻج جو ڪاروبار ڪندڙ ڪمپنين جي خلاف جلد کان جلد سخت ڪارروائي يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم پاڪستان ۾ کاڄرو تيل جي پيداوار جي حوالي سان قدم تيز ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي ته جيئن کاڄرو تيل جي درآمد تي خرچ ٿيندڙ قيمتي پرڏيهي ناڻو بچائي سگهجي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پي اي آر سي ۾ تحقيقاتي ڪم کي جلد فعال ڪيو وڃي، صوبائي حڪومتن، نجي شعبي ۽ ٻين ڌرين سان گڏجي پوري ملڪ ۾ فارم ميڪانائزيشن کي فروغ ڏنو وڃي. وزيراعظم اها به هدايت ڪئي ته ميون ۽ ڀاڄين جي يپداوار جي حوالي سان ويليو ايڊيشن جي لاءِ نوجوانن جي تربيت ۽ انهن کي آسان زرعي قرضن جي فراهمي جي حوالي سان قدم کنيا وڃن. وزيراعظم پاسڪو کي ختم ڪرڻ جي حوالي سان سمورا ضروري معاملا جلد کان جلد اڪلائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم زرعي جنسن جي برآمدات جي حوالي سان فصل کان وٺي پورٽ تائين پوري سپلاءِ چين کي ڊيجيٽائيز ڪرڻ جي حوالي سان حڪمت عملي تيار ڪرڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو. اجلاس کي زرعي برآمدات وڌائڻ جي حوالي سان حڪمت عملي تي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته نيشنل ايگري ٽريڊ اينڊ فوڊ سيفٽي اٿارٽي جو قيام حتمي مرحلي ۾ آهي، زرعي جنسن جي ٽيسٽنگ جي حوالي سان يورپي يونين ۽ عالمي معيار سان هم آهنگ ليبارٽري يونيورسٽي آف ڪراچي جي ايڇ اي جي سينٽر ۾ قائم ٿي چڪي آهي. بريفنگ ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته زرعي شعبي ۾ وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ هم آهنگي وڌائڻ جي حوالي سان نيشنل منسٽيريل فورم آن ايگريڪلچر جوڙيو ويو آهي، ٻج، ايگريڪلچر بائيو ٽيڪنالاجي ۽ آرگينگ فوڊ جي حوالي سان قومي پاليسين جا مسودا منظوري جي مختلف مرحلن ۾ آهن. اجلاس ۾ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، وزيراعظم جي صلاحڪار ڊاڪٽر توقير شاهه، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد، فيڊرل بورڊ آف روينيو جي چيئرمين راشد لنگڙيال ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.