اسلام آباد – 14 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداوار بابت خاص مددگار هارون اختر خان جي صدارت ۾ فرٽيلائيزر ريويو ڪميٽي جو اجلاس منعقد ٿيو. وزارت طرفان جاري بيان مطابق اجلاس ۾ ربيع جي سيزن 2025ع دوران يوريا ڀاڻ جي طلب ۽ فراهمي جي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. خاص مددگار هارين کي ڀاڻ جي مقرر ڪيل قيمت تي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته ڀاڻ جي پيداواري يونٽن کي مڪمل صلاحيت سان هلايو وڃي. ڀاڻ جي پيداوار پاڪستان جي زرعي شعبي لاءِ نهايت اهم آهي. وزيراعظم جي ويزن مطابق ملڪي صنعتن سان ڀرپور سهڪار ڪيو ويندو. هن چيو ته قيمتن ۾ هڪجهڙائي کي يقيني بڻايو ويندو.