تهران-14 مارچ (اي پي پي) ايران چيو آهي ته آمريڪا سان سڌي ريت ڳالهيون مملڪن آهن .پرڏيهي ميڊيا موجب ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي جو چوڻ آهي ته آمريڪا سان سڌي ريت ڳالهيون ممڪن آهن. سندس خيال آهي ته ان کان به وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته ڳالهين لاءِ ارادو موجود هجي ۽ منصفاڻي معاهدي تائين پهچڻ لاءِ برابر حالتون مليل هجن. هن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته آمريڪا کي ايران تان پابنديون هٽائڻيون پونديون. هن واضح ڪيو ته اسان رڳو بهتر حالتن ۾ بنا ڪنهن دٻاءَ ۽ ڌمڪي جي صورت ۾ ئي سڌي ريت ڳالهين لاءِ تيار آهيون.