ممبئي-14 مارچ (اي پي پي)بورڊ آف ڪنٽرول فار ڪرڪيٽ ان انڊيا (بي سي سي آءِ ) جي اهتمام هيٺ عورتاڻي پريمئير ليگ (ڊبليو پي ايل ) جو ٽيون ايڊيشن ڀارت ۾ جاري آهي، جيڪو پنهنجي پڄاڻي واري مرحلي طرف گامزن آهي. ٽي – ٽوئنٽي ليگ ۾ ڪرڪيٽ جي مداحن کي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. دهلي ڪيپيٽلز ۽ ممبئي انڊينز جي ٽيمن وچ ۾ عورتاڻي پريمئير ليگ جي فائنل ميچ اڄ (ڇنڇر) تي کيڏي ويندي. ڊبليو پي ايل جي فائنل ميچ بريبورن اسٽيڊيم، ممبئي ۾ کيڏي ويندي. دهلي ڪيپيٽلز جي ٽيم اڳ ئي فائنل ۾ پهچي چڪي آهي. ممبئي انڊينز ايليمنيٽر ميچ ۾ گجرات جائينٽس کي 47 رنسن تان شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو هو. دهلي ڪيپيٽلز جي عورتاڻي ٽيم جي قيادت آسٽريليا جي ڀلوڙ بيٽسمين ميگ ليننگ ڪندي جڏهن ته ممبئي انڊينز جي عورتاڻي ٽيم جي قيادت مشهور آل رائونڊر هرمن پريت ڪور ڪندي. ليگ ۾ 5 ٽيمن ٽائيٽل کٽڻ لاءِ حصو ورتو هو جن ۾ رائل چئلينجرز بينگلور جي عورتاڻي ٽيم ليگ ۾ ٽائيٽل جي دفاع لاءِ کيڏي رهي هئي پر فائنل لاءِ ڪواليفاءِ نه ڪري سگهي.ٻين ٽيمن ۾ دهلي ڪيپيٽلز، گجرات جائينٽس، ممبئي انڊينز ۽ يو پي وارئيرز جون ٽيمون شامل هيون. ٽورنامينٽ ۾ فائنل سميت 22 ميچون کيڏيون وينديون. دهلي ڪيپيٽلز ۽ ممبئي انڊينز جي ٽيمن وچ ۾ فائنل اڄ 15 مارچ 2025ع تي ممبئي ۾ کيڏيو ويندو.