لنڊن – 14 مارچ (اي پي پي) انگلش پريمئير فٽ بال ليگ ۾ ڇنڇر 15 مارچ تي وڌيڪ 5 ميچن جو فيصلو ٿيندو. اي پي ايل ۾ فٽ بال جي مداحن کي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. پهرين ميچ ايورٽن ۽ ويسٽ هيم يونائيٽيڊ جي ٽيمن وچ ۾ گوڊيسن پارڪ،ليور پول ۾ کيڏي ويندي، ٻي ميچ اپيسوچ ٽائون ۽ ناٽنگهم فاريسٽ جي ٽيمن وچ ۾ پورٽ مين روڊ،اپيسوچ ۾ کيڏي ويندي، ٽئين ميچ ۾ دفاعي چيمپئين مانچسٽر سٽي ۽ برائٽن اينڊ هووالبيون جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون ۽ اها ميچ اتحاد اسٽيڊيم، مانچسٽر ۾ کيڏي ويندي. چوٿين ميچ وولور هيمپٽن ۽ سائوٿمپٽن جي ٽيمن وچ ۾ سينٽ ميري اسٽيڊيم، سائوٿمپٽن ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته 15 مارچ ڇنڇر ڏينهن پنجين ۽ آخري ميچ بورن مائوٿ ۽ برينٽ فورڊ جي ٽيمن وچ ۾ وائٽلٽي اسٽيڊيم بورن مائوٿ ۾ کيڏي ويندي. انگلش پريمئير فٽ بال ليگ جي 33 هين سيزن جي شروعات ٿي چڪي آهي . جيڪو مجموعي طور تي ٽاپ فلائيٽ انگلش فٽ بال جو 126 هون ايڊيشن آهي.