اسلام آباد -11 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي هائوس بزنس ايڊوائيزري ڪميٽي جو اجلاس گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت ۾ ٿي گذريو. اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي 14هين اجلاس ۽ ٻئي پارلياماني سال جي پهرين اجلاس جي ايجنڊا ۽ وقت تي ڳالهيون ڪيون ويون. ڪميٽي اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي موجوده اجلاس کي 21 مارچ 2025ع جمعي ڏينهن تائين جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو. قومي اسيمبلي جي 14هين اجلاس ۾ صدر مملڪت اسلامي جمهوريه پاڪستان جي خطاب تي بحث کان علاوه سوالن جو وقفو ۽ عوامي ڀلائي سان لاڳاپيل قانونسازي کي بحث هيٺ آندو ويندو. ڪميٽي اجلاس ۾ وفاقي وزيرن راڻا تنوير حسين، طارق فضل چوڌري، خالد حسين مگسي ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن شيخ آفتاب احمد، نزهت صادق، سيد نويد قمر، اعجاز جکراڻي، شهلا رضا، سيد امين الحق، سيد حفيظ الدين شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ زرتاج گل، ملڪ عامر ڊوگر، رياض فتيانه، نور عالم خان، گل اصغر خان به شريڪ هئا.