اسلام آباد – 10 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري جي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب دوران پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، بلوچستان جو وڏو وزير سرفراز بگٽي، خيبرپختونخواهه جو گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، پنجاب جو گورنر سردار سليم حيدر، غيرملڪي سفير، هٿياربند فوج جا آفيسر ۽ ناليوارا سياسي ۽ سماجي اڳواڻ، اسپيڪر مهمانن جي گيلرين ۾ موجود رهيا. غيرملڪي سفيرن هيڊ فون لڳائي صدر جو خطاب ٻڌو.