رياض – 08 مارچ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي وچ اوڀر لاءِ ايلچي اسٽيو وٽڪوف چيو آهي ته هو روس سان جنگ ختم ڪرڻ لاءِ فريم ورڪ تي يوڪرين سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي ۽ ايندڙ هفتي سعودي عرب ۾ يوڪرين جي قيادت سان ملاقات طئي آهي. ميڊيا رپورٽن موجب وائٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته هاڻي يوڪرين سان گڏجاڻي لاءِ ڳالهيون ٿي رهيون آهن. گڏجاڻي امڪاني طور تي رياض يا جده ۾ ٿيندي. سعودي عرب ۾ ملاقات جو حوالو ڏيندي هن چيو ته منهنجي خيال ۾ امن معاهدو، شروعاتي جنگ بندي لاءِ هڪ فريم ورڪ تائين پهچڻ جو منصوبو آهي. يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي چيو آهي ته يوڪرين ۽ آمريڪي عملدارن وچ ۾ طئي ٿيل ڳالهين کان هڪ ڏينهن اڳ هو سعودي عرب جو دورو ڪندو. ايڪس تي جاري ڪيل پوسٽ ۾ هن چيو ته منهنجي ٽيم پنهنجي آمريڪي شراڪت دارن سان ڪم ڪرڻ لاءِ سعودي عرب ۾ رهندي. يوڪرين امن ۾ سڀ کان وڌيڪ دلچسپي رکي ٿو.