اسلام آباد-07 مارچ (اي پي پي) سياسي ۽ عوامي معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله خان آمريڪي سفارتخاني جي پوليٽيڪل قونصلر زيڪ هارڪنزائيڊر سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ به طرفي تعاون، علائقائي سلامتي ۽ گڏيل لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو ته آمريڪا تاريخي طور تي پاڪستان جو اسٽريتجڪ پارٽنر رهيو آهي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ناتن کي هٿي ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. پاڪستاني حڪومت ۽ سيڪيورٽي ادارن لاءِ انتهائي گهربل دهشتگرد جي هاڻوڪي گرفتاريءَ کي هڪ وڏي ڪاميابي قرار ڏنو ويو جيڪو دهشتگرديءَ خلاف پاڪستان جي پُختي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو. دهشتگرديءَ خلاف پاڪستان جي قربانين جو اعتراف ڪندي ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ويو ته سيڪيورٽي فورسز ۽ عوام جي بيشمار قربانين کي ڪنهن به صورت ۾ رائيگان وڃڻ نه ڏنو ويندو. خطي ۾ پائيدار امن، استحڪام جي قيام لاءِ پاڪستان هميشه آمريڪا سان تعاون ڪيو آهي ۽ آئينده به ان سلسلي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو.