اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان وفاقي وزير معين وٽو ۽ مملڪتي وزير ملڪ رشيد احمد ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم وفاقي ڪابينا ۾ شموليت تي وفاقي وزير معين وٽو ۽ مملڪتي وزير ملڪ رشيد کي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ملڪ جي مجموعي ۽ سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.