ڪراچي-06 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جيڪب آباد جي علائقي ميران پور ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻن جي قتل جو نوٽيس وٺندي ملزمن کي فوري طور گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. جاري پڌرائيءَ موجب وڏي وزير واقعي جي مڪمل جاچ جو حڪم ڏنو آهي.