اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سميڊا ۾ نئين هنرمند افرادي قوت ڀرتي ڪرڻ ۽ ڳوٺاڻي آبادي کي بنا وياج جي قرض پروگرام مان فائدو کڻڻ جي لاءِ حڪمت عملي ٺاهڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار جي فروغ جي حوالي سان حڪومت ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ سمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائيز ڊيولپمينٽ اٿارٽي (سميڊا) جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. بيان موجب اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار جي فروغ جي حوالي سان حڪومت ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري رهي آهي. وزيراعظم سميڊا ۾ مارڪيٽ مان نئين هنرمند افرادي قوت ڀرتي ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته شفاف طريقيڪار اختيار ڪندي سميڊا ۾ عالمي معيار جي ورڪ فورس کي ڀرتي ڪيو وڃي جن جو پگهار مارڪيٽ ريٽس موجب هجي، ايس ايم اي شعبي جي لاءِ ليبر جي پيشيواراڻي تربيت انتهائي ضروري آهي. وزيراعظم چيو ته سميڊا جو اسان جي ڳوٺاڻي معيشت جي واڌاري ۾ اهم ڪردار آهي، سموري ڳوٺاڻي آبادي بشمول ڳوٺاڻي عورتن کي سميڊا جي بنا وياج جي قرض پروگرام مان فائدو کڻڻ جي لاءِ حڪمت عملي ٺاهي وڃي. وزيراعظم وفاقي سطح تي پيشيواراڻي تربيت جي سمورن ادارن کي هڪ اداري ۾ ضم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس کي سميڊا ۾ جاري سڌارن تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايت تي مائيڪرو انٽرپرائيزز کي ايس ايم اي سيڪٽر جو حصو ٺاهيو ويو ۽ ان حوالي سان جامع پاليسي ٺاهي پئي وڃي. وزيراعظم جي هدايت تي سميڊا بورڊ ۾ نجي شعبي جي نمائندگي وڌائي پئي وڃي، سميڊا ۾ افرادي قوت کي اسڪلز ٽريننگ ۽ جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ڪرڻ جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙي پئي وڃي. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته سميڊا جي پورٽ فوليو کي وڌيڪ موثر ۽ وسيع ڪرڻ جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙي پئي وڃي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايت تي واپار واري وزارت ۽ سميڊا روانگي واپار جي حوالي سان لاڳاپيل ڪمپنين جي نشاندهي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن. سميڊا ۾ هڪ سگهارو پرفارمنس مئنيجمينٽ فريم ورڪ جوڙيو ويندو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايت تي ايس ايم اي جي شعبي جي حوالي سان سميڊا 28 سيمينارز ۽ تربيتي پروگرام منعقد ڪيا جن ۾ 953 ماڻهن شرڪت ڪئي. ايس ايم اي شعبي جي لاءِ فنانشل لٽريسي پروگرام شروع ڪيو پيو وڃي جنهن جي لاءِ ماهرن جي ڀرتي جو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي، ايس ايم اي شعبي جو روانگي واپار وڌائڻ جي حوالي سان ايڪسپورٽ اسسٽينس پروگرام شروع ڪيو پيو وڃي، ايس ايم اي سيڪٽر جي سب – ڪنٽريڪٽنگ جي حوالي سان قانوني حڪمت عملي تيار ڪئي ويندي جنهن جي لاءِ ماهرن جي ڀرتي جو عمل جلد شروع ڪيو پيو وڃي. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، وزيراعظم جي خاص معاون هارون اختر، پي ايم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته قومي اسيمبلي ميمبرن سيده نوشين افتخار ۽ محسن شاهنواز رانجها وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا.