پيرس-06 مارچ(اي پي پي) فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون يوڪرين سميت يورپي ملڪن کي ائٽمي سگهه فراهم ڪرڻ ۽ امن معاهدو لاڳو ڪرڻ لاءِ يوڪرين ۾ يورپي فوجي جٿا موڪلڻ تي غور ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي. قوم کي خطاب ڪندي فرانس جي صدر چيو ته يوڪرين ۽ نيٽو بابت آمريڪي پاليسي ۾ تبديلي فڪر جوڳي آهي. هن واضع لفظن ۾ چيو ته مان يقين ڪرڻ چاهيان ٿو ته آمريڪا اسان سان گڏ رهندو جڏهن ته اسان کي به صورتحال لاءِ تيار رهڻو پوندو. هن وڌيڪ چيو ته يورپ جي مستقبل جو فيصلو واشنگٽن يا ماسڪو ۾ نه ٿيڻ گهرجي. فرانس جي صدر روس جي رويي کي جارحاڻو قرار ڏيندي چيو ته يوڪرين تي حملي کان پوءِ ڪنهن به ملڪ کي روس مان سرحدن جو احترام ڪرڻ جي اميد نه ڪرڻ گهرجي.روس ايندڙ سالن ۾ فرانس ۽ يورپ لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته هن وقت ڪو به اهو نه ٿو چئي سگهي ته روس يوڪرين وانگر ڪنهن به يورپي ملڪ تي حملو نه ڪندو. هن آمريڪي صدر کي خبردار ڪيو ته يوڪرين ۾ ڪمزور بنيادن تي ڪيل جنگ بندي پائيدار نه هوندي.