ڍاڪا – 06 مارچ (اي پي پي) بنگلاديش ۾ 5.7 جي شدت جي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. پرڏيهي ميڊيا مطابق بنگلاديش جي موسميات کاتي جي هيڊ ڪوارٽر ٻڌايو آهي ته زلزلي جو مرڪز ڀارت-ميانمار جي سرحد کان اٽڪل 149 ڪلوميٽر پري هو، زلزلي بعد هن وقت تائين ڪنهن به جاني نقصان جو اطلاع ناهي مليو.