نيلسن- 06 مارچ (اي پي پي) نيوزيلينڊ ۽ سريلنڪا جي وومينز ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي عالمي ڪرڪيٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ميچ 7 مارچ تي جمعي جي ڏينهن سيڪسٽن اوول، نيلسن ۾ کيڏي ويندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ برسات سبب بنا نتيجي ختم ٿي وئي هئي. سريلنڪن وومينز ٽيم اڄ ڪلهه نيوزيلينڊ جي دوري تي آهي جتي اها ميزبان ٽيم خلاف 03 ون ڊي ۽ 03 ٽي -ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏندي. نيوزيلينڊ ۽ سريلنڪا جي ٽيمن وچ ۾ ٽن هڪ ڏينهن وارين عالمي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ون ڊي ميچ 7 مارچ جڏهن ته ٽئين ۽ آخري ون ڊي ميچ 9 مارچ تي کيڏي ويندي. ون ڊي سيريز ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم جي قيادت سوزي بيٽس ڪندي جڏهن ته سريلنڪن وومينز ٽيم جي سربراهي چماري اٿاپتو ڪري رهي آهي.