ڍاڪا – 06 مارچ (اي پي پي) بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين مشفق الرحيم عالمي ون ڊي ڪرڪيٽ تان ريٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو. بنگلاديش طرفان سڀ کان وڌيڪ 274 ون ڊي ميچون کيڏيل سينيئر بيٽسمين مشفق الرحيم سوشل ميڊيا تي پنهنجي ريٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو. 37 سالن جي مشفق الرحيم جو چوڻ هو ته مان پنهنجي خاندان، دوستن ۽ مداحن جو دل سان ٿورائتو آهيان جن لاءِ گذريل 19 سالن کان ڪرڪيٽ کيڏي رهيو آهيان. مشفق الرحيم بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم جي قيادت به ڪري چڪو آهي. مشفق الرحيم 274 ون ڊي ميچن ۾ 9 سينچرين ۽ 49 ففٽين سان 7 هزار 795 رنسون ٺاهيون جيڪي بنگلاديش طرفان ٻئي نمبر تي سڀ کان وڌيڪ رنسون آهن. اهڙيءَ ريت هن وڪيٽن پٺيان مشفق الرحيم 299 شڪار ڪيا جن ۾ 243 ڪيچون ۽ 56 اسٽمپ شامل آهن. مشفق الرحيم ٽي – ٽوئنٽي ڪرڪيٽ تان 2 سال اڳ ئي ريٽائرڊ ٿي چڪو آهي جڏهن ته هو ٽيسٽ ڪرڪيٽ کيڏندو رهندو.