پورٽوريڪو-06 مارچ (اي پي پي) پورٽوريڪو اوپن گالف ٽورنامينٽ 7 مارچ کان شروع ٿيندو، ٽورنامينٽ ڪامياب نموني منعقد ڪرائڻ لاءِ تياريون عروج تي آهن. اهو ٽورنامينٽ پي جي اي ٽور جو مشهور گولف ايونٽ آهي. جيڪو پهريون ڀيرو 2008ع ۾ کيڏيو ويو هيو. ٽورنامينٽ 72 هولز تي کيڏيو ويندو. ٽورنامينٽ ۾ گالف جا مشهور رانديگر ايڪشن ۾ ايندا. پي جي اي ايونٽ ۾ آمريڪا سان تعلق رکندڙ گالفر برائس گارنيٽ پنهنجي اعزاز جو دفاع ڪندو. ٽورنامينٽ لاءِ 40 لک ڊالرن جي انعامي رقم رکي وئي آهي. 7 مارچ کان شروع ٿيندڙ اهو ٽورنامينٽ 4 ڏينهن تائين جاري رهڻ کانپوءِ 10 مارچ تي پڄاڻي تي پهچندو.