اسلام آباد-05 مارچ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان ايف پي سي سي آءِ جي صدر عاطف اڪرام شيخ جي اڳواڻيءَ ۾ وفد ملاقات ڪئي. چيمبر جي جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب ملاقات ۾ عاطف اڪرام شيخ، وفاقي وزير کي ٽريڊ آرگنائيزيشن بل تي خدشن بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته سيپٽمبر ۾ چونڊيل نئين باڊيز جو وقت 2 سال هو، جيڪو هڪ سال ڪيو ويو آهي. صدر، وفاقي وزير کي درخواست ڪئي ته چيمبرز ۽ ٻين تنظيمن جي نَون چونڊيل عهديدارن جو مدو 2 سال برقرار رکيو وڃي. هن چيو ته هڪ سال جو عرصو انتهائي مختصر آهي، چونڊيل عهديدارن کي ايجنڊا جي تڪميل لاءِ وقت گهرجي. وفاقي وزير، صدر کي مسئلن جي حل لاءِ بل تي نظرثاني جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته بزنس ڪميونٽي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي آهي، حڪومت خدشن تي سنجيدگيءَ سان غور ڪندي ۽ ٽريڊ باڊيز جي چونڊ عمل جي حوالي سان اتفاق راءِ پيدا ڪيو ويندو.