اسلام آباد – 05 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ مان پوليو جي مڪمل خاتمي جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته وفاق ۽ صوبن جي تعاون سان ئي پوليو جو مڪمل خاتمو ممڪن ٿيندو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار پوليو جي خاتمي واري مهم جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ مملڪتي وزير ڊاڪٽر مختار ڀرٿ، سينيٽر عائشه رضا فاروق ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم پوليو ڪيسز جي وقت سر سڃاڻپ ۽ ان ۾ منفي رجحان جي لاءِ سمورن صوبن جي انتظامي کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته فيبروري 2025ع ۾ پوليو ڪيسز ۾ منفي رجحان پوليو جي خاتمي واري مهم جي موثر هجڻ جي سنَد آهي، اسان پوليو جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهيون، پوليو ڪيسز ۾ لاڳيتو گهٽتائي سمورن صوبن جي انتظاميا جي اڻٿڪ محنت جي ڪري ممڪن ٿي. وزيراعظم پوليو مهم دوران سيڪيورٽي فورسز جي تعاون کي ساراهيو ۽ پوليو جي سموري ڊيڪٽا ڊيجيٽائيز ڪرڻ ۽ سخت مانيٽرنگ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي پوليو جي خاتمي واري مهم جي هيستائين جي اڳڀرائي جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته سمورن صوبن ۾ پوليو جي خاتمي واري مهم جاري آهي، فيبروري 2025ع جي مهم دوران 42.5 ملين ٻارن کي پوليو جا ڦرا پياريا ويا، پوليو کان متاثر ضلعن ۾ ٻارن جي اٽڪل 90 سيڪڙو آبادي کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويا، سال 2025ع جي شروع کان هيستائين 6 پوليو ڪيسز سامهون آيا آهن، فيبروري 2025ع جي پوليو جي خاتمي واري مهم جي شروع کان هيستائين پوليو کان متاثر ضلعن خاص طور تي بلوچستان، سنڌ ۽ ڏکڻ خيبرپختونخواهه ۾ پوليو ڪيسز ۾ واضح گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي. هلندڙ سال جي پهرين 6 مهينن ۾ ٽي پوليو مهم پلان جو حصو هيون جن مان پهرين مهم فيبروري ۾ ٿي چڪي آهي جڏهن ته ٻي 2 اپريل ۽ مئي جي مهينن ۾ ٿيندي. آءِ ٽي ڊيش بورڊ جي ذريعي پوليو جي سمورن رخن جي مستقل نگراني ڪئي پئي وڃي.