گڏيل قومون -04 مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر وولڪر ترڪ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي ڀارت کي شديد تنقيد جو نشانو بڻايو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب وولڪر ترڪ جنيوا ۾ انساني حقن واري ڪائونسل جي 58 هين اجلاس جي گلوبل اپڊيٽ دوران خطاب ڪندي ڪاري قانون جي استعمال ذريعي ڄمون ڪشمي سميت ٻين هنڌن تي انساني حقن جي علمبردارن ۽ صحافين کي هراسان ڪرڻ، شهرين جي جبري نظربندي ۽ شهري آزادي جي پابندين تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. هن ڀارتي رياست مني پور ۾ تشدد ۽ لڏپلاڻ کي منهن ڏيڻ لاءِ ڳالهين، امن جي قيام ۽ انساني حقن جي بنياد تي ڪوششون تيز ڪرڻ تي به زور ڀريو. هاءِ ڪمشنر ڀارت سميت 30 کان وڌيڪ ملڪن تي ٻڌل پنهنجي گلوبل اپ ڊيٽ پيش ڪندي ڄمون ڪشمير سميت اٽڪل 20 حل طلب تڪرارن کي چڙ ڏياريندڙ قرار ڏنو. هن چيو ته عام شهرين تي ڄاڻي واڻي حملا ڪيا وڃن ٿا. جنسي تشدد ۽ ڏڪار کي جنگي هٿيار طور استعمال ڪيو وڃي ٿو. وولڪر ترڪ چيو ته انساني همدردي جي بنياد تي امداد جي رسائي کان انڪار ڪيو پيووڃي جڏهن ته هٿيارن جي وڪري تي ڪنهن به قسم جي ڪا پابندي ناهي. هن چيو ته 2024ع ۾ دنيا جي ڪجهه خوفناڪ بحرانن ۾ ماڻهن کي امداد فراهم ڪندي رڪارڊ 356 انساني ڪارڪن مارجي ويا. هاءِ ڪمشنر چيو ته دنيا غير متوقع دور مان گذري رهي آهي، جنهنج ي عڪاسي وڌندڙ تڪرارن مان ٿيندي آهي. هن چيو ته اسان عالمي اصولن ۽ ادارن سان سلهاڙيل بنيادي عالمي اتفاق راءِ، جيڪا ڪيترئين ڏهاڪن کان وڌي محنت سان ٺاهي وئي آهي، کي پنهنجي اکين سامهون ڪرڻ جي اجازت نه ٿا ڏئي سگهون. گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل جي سربراهه غزه جي سنگين صورتحال تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو.