لاھور – 04 مارچ (اي پي پي) رمضان المبارڪ دوران ۽ چيمپئينز ٽرافي جي ميچن دوران سرچ آپريشن جو سلسلو جاري آھي. ھلندڙ سال ۾ ھيستائين 3086 سرچ آپريشن ڪيا ويا. لاھور پوليس جي ترجمان مطابق سرچ آپريشن دوران 1 لک 21 ھزار کان وڌيڪ گھرن ۽ 50 ھزار کان وڌيڪ مسواڙين کي چيڪ ڪيو ويو. سرچ آپريشن ۾ 3 لک 98 ھزار کان وڌيڪ ماڻھن کي به چيڪ ڪيو ويو آھي. قانون جي ڀڃڪڙي تي 1973 ماڻھن خلاف قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي وئي. لاھور جي سي سي پي او چيو آھي ته رمضان المبارڪ ۽ چيمپئينز ٽرافي وارين ميچن کي نظر ۾ رکندي شھر ۾ سرچ اينڊ ڪومبنگ آپريشن جاري آھي. ھن چيو ته رمضان المبارڪ ۾ ميچن دوران سيڪيورٽي ھاءِ الرٽ رھندي. ملڪي ۽ پرڏيھي رانديگرن جي رھائش ، اسٽيڊيم، مسجدن ۽ عبادت گاھن جي ڀرپاسي ۾ سرچ آپريشن جاري آهي. سي سي پي او شھر جي مرڪزي شاھراه، واپاري مرڪز ۽ اھم ھنڌن تي ناڪا لڳائڻ جي پڻ ھدايت ڪئي. ھن چيو ته شھر جي اندروني ۽ ٻاھرين رستن تي ماڻھن ۽ گاڏين جي چيڪنگ کي يقيني بڻايو وڃي. ھن چيو ته چيڪنگ دوران شرپسند عنصرن ۽ شڪي ماڻھن تي ڪرڙي نظر رکي وڃي.