ميلبورن _ 4 مارچ (اي پي پي) آسٽريليا جي مردن جي ڪرڪيٽ ٽيم جي مشهور آل رائونڊر ڪيمرون گرين جي گلوسٽر شائر سان ڪائونٽي چيمپئين شپ کان اڳ شيفلڊ شيلڊ ڪرڪيٽ کيڏڻ جو امڪان ناهي ڇو ته هو چيلهه جي سرجري ڪرائڻ بعد صحتياب ٿي رهيو آهي . 25 سالن جو ڪيمرون گرين گذريل مهيني آسٽريلين ڪرڪيٽ ايوارڊ ۾ خطاب ڪندي چيو هو ته هو چيلهه جي سرجري بعد گهڻو بهتر محسوس ڪري رهيو آهي پر چيلهه جي تڪليف مان مڪمل صحتيابي حاصل ڪرڻ ۾ ڪجهه وقت لڳندو. هن چيو ته جلد فٽنيس مسئلي مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري 15 مارچ تي وڪٽوريه خلاف ويسٽرن آسٽريليا جي آخري شيلڊ ميچ لاءِ بيٽسمين طور پنهنجي ٽيم لاءِ دستياب هوندس.